رحمت الله شوق شڪارپوري

رحمت الله شوق شڪارپوري

رحمت الله شوق شڪارپوري

رحمت الله ’شوق‘ شڪارپوري: رحمت الله شوق ولد آخوند اسدالله قريشي 18 جون 1926ع تي سکر ضلعي جي گھمرا ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ابتدائي سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس والدين 1942ع ۾ ٻوڏ سبب اتان لڏي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيا. هن شڪارپور ۾ مولوي محمد اسماعيل سومري، مولوي عبدالڪريم چشتي ۽ پروفيسر جعفريءَ کان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتي. ننڍپڻ کان ئي سـندس لاڙو شـاعريءَ طـرف هـو. هو هڪ ڪهنه مشق ۽ استاد شاعر هو. هن 1973ع ۾ بزم گلشن لطيف جي نالي سان شڪارپور ۾ ’ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس‘ سميت ڪيترا ميڙاڪا، ڪانفرنسون، مشاعرا منعقد ڪرايا. کيس محمد بن قاسم ادبي سوسائٽيءَ طرفان ميڊل ڏنو ويو. هن استاد محمد حسن سومري کان متاثر ٿي 1939ع ۾ عروضي شاعري شروع ڪئي. شاعريءَ جي شوق سبب ڪيترا ڪتاب پڙهيائين ۽ ڊاڪٽر ابراهيم خليل جي ڪتاب ’رهنمائي شاعري‘ ذريعي شاعريءَ جو فن حاصل ڪيائين. ان ڪري هميشه ڊاڪٽر ابراهيم خليل کي پنهنجو استاد چوندو هو. شاعريءَ جي فن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڻ به ’رهبر شاعريءَ‘ نالي ڪتاب لکيائين. سندس شاعريءَ جا ڏهه ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ ئي شايع ٿيا، جن ۾: (1) ’ديوان شوق شڪارپوري‘، (2) ثناءِ رسول‘، (3) ’صداءِ شوق‘، (4) ’نوائي شوق‘، (5) ’برهه جون باتيون شوق جون تڪليفون‘، (6) ’نعت رسول‘، (7) ’سامونڊي لهر موتين سان ڀرپور‘، (8) ’جامِ محبت‘، (9) ’قصو ڪربلاءِ‘ ۽ (10) ’نظم شوق‘ بنام رهبرِ شاعري اچي وڃن ٿا.
ان کان سواءِ شوق جي ڪلام جا ڪيترا مجموعا قلمي صورت ۾ سندس فرزند حزب الله ’ذوق‘ وٽ موجود آهن. شوق شڪارپوريءَ شاعرن جي سکيا لاءِ ’دارالعروض‘ نالي شاعريءَ جو هڪ اسڪول کوليو، جنهن ۾ شاعرن کي علم عروض جي سکيا ڏيندو هو. شوق، ادب جي اڪثر صنفن تي خاصي طبع آزمائي ڪئي.
شوق شڪارپوري، 17 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چڻمنگي قبرستان، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.06.18  عيسوي

رحمت الله شوق ولد آخوند اسدالله قريشي 18 جون 1926ع تي سکر ضلعي جي گھمرا ڳوٺ ۾ جنم ورتو.


2001.01.17  عيسوي

شوق شڪارپوري، 17 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چڻمنگي قبرستان، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سھراب سومرو
دريا خان راڄپر
جتوئي غلام مجتبيٰ خان
سنت بابا هريرام
آءِ آءِ چندريگر
حاجي خان مڱڻهار
ڪائنات ٿيٻو
زنگي خان ٽالپر
تماچي
بهو بيگم عرف صاحب دولت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون